| عمران سان ملاقات نه ٿي: ڀينرن جو اڊيالا روڊ تي ڌرڻو |
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀينرن کي عمران سان ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي، اڊيالا جيل روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيون. رپورٽ موجب عمران خان سان ملڻ لاءِ سندس ڀينرون عليمه خان، عظميٰ ۽ ٻيون ڪالهه به اڊيالا جيل پهتيون پر کين ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. جنهن بعد هو گورک پور چوڪ تي روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيون. هنن جيل طرف مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين نه ڇڏيو ويو. هنن جو ڌرڻو آخري اطلاعن تائين جاري هو. هنن ملاقات ڪرائڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.