عمران سان ناروا سلوڪ تي پاڪ-آمريڪا لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا: جان بولٽن

مَي 20, 2023

واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا جي قومي سلامتي واري اڳوڻي مشير جان بولٽن چيو آهي ته عمران خان سان ناروا سلوڪ ڪرڻ تي پاڪ- آمريڪا لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب اڳوڻي آمريڪي مشير جان بولٽن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ٽيليفون رستي رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي

جان بولٽن اڳوڻي وزيراعظم سان ناروا سلوڪ ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ تشدد ۽ عدم سياسي استحڪام ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي اهو سلسلو ڪنهن وڏي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو

هن چيو ته سويلينز جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ نه گهرجن ان سان انساني حقن ۽ عام ماڻهو جي آزادي متاثر ٿي سگهي ٿي

ٻئي طرف پاڪستان جي صورتحال تي  ڪينيڊين پارليامينٽ جي 16 ميمبرن وزيراعظم جسٽن ٽروڊو کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي صورتحال تي اختيارين سان ڳالهايو وڃي

خط ۾ پاڪستان جي پرامن مظاهرن جي اجازت تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ تشدد جي سمورن واقعن جي مذمت ڪئي وئي آهي

Leave A Comment