عمران سان هاڻ وارث به ملي نه سگهندا، بدمعاشي بند ڪريو، فيلڊ مارشل خلاف بڪواس ڪندڙن جي کل لاهي جوتا ٺاهينداسين: فيصل واوڊا

عمران سان هاڻ وارث به ملي نه سگهندا، بدمعاشي بند ڪريو، فيلڊ مارشل خلاف بڪواس ڪندڙن جي کل لاهي جوتا ٺاهينداسين: فيصل واوڊا

اسلام آباد (بيورو بيورٽ) سينيٽر  فيصل واڊا پاران   ” ايسي ڪي تيسي ” جي عنوان سان ٽوئيٽ  جاري ڪيو ويو آھي، فيصل واڊا جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آھي ته ” ذهني  مريض، اکين کان انڌا ۽ ڪنن کان ٻوڙا ٻڌي ڇڏين ته ذهني طور تي بيمار ماڻهن کي آئين ۽ قانون تحت فيملي کي ملاقات جي اجازت حال احوال لاءِ ۽ وڪيل کي ڪيس بابت ڳالهائڻ جي آھي، ڇا خاندان جون  ملاقاتون   به سياسي پيغام تي ٻڌل رهيون  آهن؟هاڻي کان پوءِ، انهن کي به روڪيو ويندو جيڪڏهن وڪيل ڪيس کان سواءِ ڪو به سياسي پيغام ڏيندا ته انهن کي به روڪيو ويندو، سوڀ حاصل ڪندڙ فوج ۽ ان جي سپھه سالار  بابت وڌيڪ بڪواس  برداشت نه ڪئي ويندي. بلڪه، بڪواس ڪرڻ  وارن جي زبان مان  جوتي جو  چمڙو بڻايو ويند،  اها ذهن جي  گندگي  آهي ته بنا جواز ۽ بنا سبب اسان جي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ اسان جي فوج کي بنا ڪنهن جواز ۽ سبب جي بدنام ڪرڻ جي سازش کي سختي سان روڪيو ويندو، هن چيو ته اصولي طور تي، پيار لاءِ ٻيڻو پيار، عزت جي بدلي ٻيڻو احترام۽ بدماشي  جو جواب ٻيڻي بدمعاشي آهي. فيصل واوڊا چيو ته ڀڙڪائيندڙ ڌر اسان کي هڪ اهڙي موڙ تي آڻي ڇڏيو آهي جتي هاڻ واپس اچڻ مشڪل آهي، هاڻي ڪيس ۽ شيون انهن جي منطقي نتيجي تي پهچنديون جيڪڏهن وڏي  وزير انچ برابر به ڪا وڌيڪ حرڪت ڪئي ته بچيل سچيل  باقي سياست رهجي وئي آھي  اها به گورنر راڄ سان ختم ٿي ويندي.9 مئي جا  دهشتگرد جيڪي ڪي پي ۾ لڪيل آهن، انهن سميت، سڀني کي پنهنجو خير ملهائڻ گهرجي، نوٽيفڪيشن ڪندڙن کي چيو  ويو هو ته اهو جلد اچي رهيو آهي، هاڻي ان کي رول ڪري انکي   ڳلي مان ڪڍڻ لاءِ تياري ڪري وٺو.