| عمران سان ڀيڻ نورين جي ملاقات: اسپتال منتقلي بابت توهين عدالت درخواست تان اعتراض ختم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ جي اسپتال منتقلي واري معاملي ۾ توهين عدالت جي درخواست رجسٽرار سپريم ڪورٽ طرفان لڳايل اعتراض ختم ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر داخل ڪئي وئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ نمبر پڻ الاٽ ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان موجب رجسٽرار آفيس شروعاتي طور تي توهين عدالت جي درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي. اعتراض هو ته جن ماڻهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي هئي، انهن الزامن جي فهرست نه موڪلي وئي هئي. بئرسٽر گوهر علي خان ٻڌايو ته ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سان فيسيليٽيشن سينٽر ۾ ملاقات پڻ ٿي، جنهن کانپوءِ اعتراض ختم ڪري درخواست ٻيهر داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان بعد پي ٽي آءِ اعتراض ختم ڪري توهين عدالت جي درخواست ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. سپريم ڪورٽ باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان جي درخواست کي نمبر الاٽ ڪندي ان کي ڪرمنل اوريجنل پٽيشن نمبر 8/2026 قرار ڏئي ڇڏيو. ڊاڪٽر عظميٰ خان توهين عدالت جي درخواست کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي الڳ درخواست پڻ داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته معاملي کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. هوڏانهن پي ٽي آءِ باني سان ڀيڻ نورين نيازي جي ملاقات ٿي، نورين نيازي ٻئين هفتي ۾ ٻيون ڀيرو باني سان ملاقات ڪئي آهي، پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي سان ڀاڄائي مهر النساءِ ۽ ڌيءُ جي ملاقات ٿي، عليمه خان چيو ته عمران خان ٻارن جو رابطو نٿو ڪرايو وڃي، منهنجي ملاقات به ناهي ٿي.