عمران ظفر لغاري جي گاڏي سان ڪراچي ۾ حادثو، سندس گارڊ فوت

سيپٽمبر 18, 2023

سيتاروڊ ( ن پ ا )سيتاروڊ واسي پ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ ايم پي اي عمران ظفر لغاري سان ڪراچي ۾ روڊ حادثو پيش آيو آهي

مليل اطلاعن مطابق عمران ظفر لغاري پنهنجي ويگو تي رستي سان ويو پئي ته پٺيان ايندڙ تيز رفتار ڪرولا ڪار ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پٺيان ويٺل گارڊ مير محمد لغاري کي ڪيرائي ڇيپاٽي ماري ڇڏيو

 حادثي ۾ عمران ظفر لغاري سندس ڊرائيور محفوظ رهيا۔ جڏهن ته سندس گاڏي کي نقصان پهتو آهي۔ سندس گارڊ فوتگي ۽ پيش آيل حادثي جو اطلاع ملڻ تي سيتاروڊ ۽ سندس حلقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي

Leave A Comment