| عمران فاروق کي الطاف مارايو: باني کي مرڻ کپي: مصطفيٰ ڪمال |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ ۽ صحت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال الزام ھنيو آھي ته ايم ڪيو ايم باني سان 40 سال گڏگذاريندڙ ڊاڪٽر عمران فاروق کي الطاف حسين قتل ڪرايو، اڄ به باني نوجوانن کي گمراھه ڪري ماڻهو مارائي ٿو، ڊاڪٽر عمران فاروق جا پٽ پنهنجي والد جي قاتلن جو پتو لڳائڻ لاءِ برطانيا جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائين، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل کان 15سال پوءِ سندس زال لاڏاڻو ڪري وئي، هن وصيت ڇڏي هئي ته کيس پاڪستان ۾ دفن ڪيو وڃي، باني ايم ڪيو ايم لاش کي پاڪستان آڻڻ لاءِ واويلاڪري 6 هزار پائونڊ چندو گڏ ڪيو، هن چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق کي17 سيپٽمبر 2010ع تي الطاف حسين مارايو، الطاف حسين جي سالگرهه واري ڏينهن عمران فاروق کي قتل ڪري کيس سالگرھه جو “تحفو” ڏنو ويو، عمران فاروق جي قتل بابت سمورا تفصيل موجود آهن ، هن چيو ته الطاف حسين نشي جي حالت ۾ مون کي فون ڪري چيو ته عمران فاروق مون کي تنگ ڪري ٿو، افتخار کي فون ڪري ٻڌايو ويو ھو ته “ڀائي کي برٿ ڊي گفٽ ڏئي ڇڏيو آهي” هن چيو ته برطانيا ۾ دنيا جو بهترين انٽيليجنس نظام موجود آهي، الطاف حسين برطانيا جي عدالتن ۾ درخواست ڇو نٿو ڏئي ته عمران فاروق جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ؟ 40 سال پراڻي ساٿي جي قتل بابت جاچ ڪرائڻ لاءِ عدالت سان ڇو نٿو رجوع ڪري؟ ھن چيو ته اها مھاجرن جي بدقسمتي آھي جو کين الطاف حسين جھڙو غدار اڳواڻ مليو، باني سوين نوجوانن کي قتل ڪرايو، ڪيترائي نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا، اڄ به ڪارڪنن سان جيل ڀريا پيا آھن، هن چيو ته جڏهن الطاف جي چوڻ تي 10 منٽن ۾ لکين ماڻهو روڊن تي اچي ويندا ھئا، ان وقت ھن مڪاني ادارن جي اختيارن جي ڳالهه ڇو نه ڪئي؟ سندس چوڻ تي 10 منٽن ۾ ترميم ٿي وڃي ها، هن چيو ته اسين اڄ اسيمبلين ۾ منٿون پيا ڪريون ته مڪاني ادارن بابت قانونسازي ۾ اسانجي مدد ڪريو، ھن چيو ته اسان ته الطاف حسين جي نظام جا فائديمند رھيا آھيون، سندس دور ۾ اسانکي وزارتون به مليون، سينيئر ٿياسين پر مون انهن کي لت ھڻي ڇڏي ڏنو، آئون اڄ به وفاقي وزير آھيان، هن چيو ته الطاف حسين کي هاڻ خاموشي اختيار ڪري مري وڃڻ گهرجي.