اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي لاءِ ڏکيائون ختم نه ٿي سگهيون، اسلام آباد جي احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ۽ توشھ خانھ ڪيسن ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون
احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گھر واري بشريٰ بي بي خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي ھلائي، بشريٰ بي بي عدالت آڏو پيش ٿي
پي ٽي آءِ چيئرمين قيد ۾ ھئڻ سبب پيش نھ ٿي سگھيو، عدالت بشريٰ بي بي کي گرفتار نھ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو
عدالت رمارڪس ۾ چيو تھ ائين نھ ٿئي جو شام کيس گرفتار ڪيو وڃي، جيڪڏھن ڪو جوابدار ٽن سالن لاءِ جيل ۾ آھي تھ اسان انتظار نھ ٿا ڪري سگھون
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيش نھ ٿيڻ تي توشھ خانھ ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ سندس گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون
پي ٽي آءِ چيئرمين کي ھاڻي ٻنھي ڪيسن جي انڪوائريز کي بھ منھن ڏيڻو پوندو