عمران خان لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي ٻن ڪيسن مان بري ٿي ويو: پروڊڪشن آرڊر جي درخواست رد

مارچ 19, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي ٻن ڪيسن ۾ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاھه وارن ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو

 جوڊيشل مئجسٽريٽ شائسته ڪنڊي ٿاڻي لوھي ڀير ۽ ٿاڻي سھاله ۾ داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي جڏھن ته عدالت باني پي ٽي آءِ جي درخواست پروڊڪشن رد ڪري ڇڏي

ٻڌڻي دوران وڪيل نعيم پنجوٿا دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته منھنجي موڪل تي سمورن ڪيسن ۾ صرف ھڪ اشاري جي حد جي نوعيت تائين جا الزام لڳايا ويا آھن، شق 144 لاڳو جو نوٽيفڪيشن جاري ناھي ڪيو ويو، ڪيسز جو مدعي ايس ايڇ او آھي جنھن کي ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار ئي ناھي. سمورن داخل ڪيسن ۾ شاھن جا بيان به شامل ناھن

جج شائسته ڪنڊي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ان کان اڳ به باني چيئرمين پي ٽي آءِ اھڙن ڪيسن ۾ بري ٿي چڪو آھي؟ وڪيل ٻڌايو ته ان کان اڳ به باني چيئرمين پي ٽي آءِ ٻن ڪيسن ۾ بري ٿي چڪو آھي

 اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ کي عدالت طلب ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي جنھن تي جج شائسته ڪنڊي چيو ته جيڪڏھن باني پي ٽي آءِ کي عدالت ايندي رستي ۾ ڪجھه ٿي ويو ته ڪير ذميوار ھوندو؟ ضمانت تي حاضري ضرور ھوندي آھي، پرڊڪشن جي درخواست تي ضروري ناھي ھوندي

دليل ٻڌڻ بعد عدالت اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاھه وارن ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو جڏھن ته پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ متعلق درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي

Leave A Comment