عمران مان ڊپ ناهي، ملاقات جي اجازت هجڻ گهرجي: راڻا ثناءَ

  عمران مان ڊپ ناهي، ملاقات جي اجازت هجڻ گهرجي: راڻا ثناءَ

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ چيو آهي ته حڪومت کي باني پي ٽي آءِ مان ڪو به ڊپ ناهي، ملاقات جي اجازت هجڻ گهرجي، پر ٽن ڪلاڪن جي ملاقات کانپوءِ ڏيڍ ڪلاڪ جي پريس ڪانفرنس نه ٿيڻ گهرجي، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وڳوڙ ڪرڻ، باهيون ڏيڻ ۽ اسلام آباد طرف چڙهائي جون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن، ڪو قانون اجازت نٿو ڏئي ته ڪير جيل ۾ ويهي ٻاهر ڪا تحريڪ هلائي، اها اجازت ناهي ته باني پي ٽي آءِ سان ڪير ملاقات ڪري ۽ ٻاهر اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پريس ڪانفرنس ڪري، ملاقات واري معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، راڻا ثناءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي اڊيالا جيل جي ٻاهران عشق باني ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪرڻ گهرجي.