عمران هاشمي جي “آواره پن 2” کي مشروط نمائش جي اجازت

عمران هاشمي جي “آواره پن 2” کي مشروط نمائش جي اجازت

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار عمران هاشمي جي ايندڙ فلم ’آوارہ پن 2‘ کي سينسر بورڊ مشروط طور نمائش جي اجازت  ڏئي ڇڏي، انهي کان اڳ فلم ۾ ڪيتريون ئي اهم تبديليون ۽ منظر ڪاٽڻ جون  هدايتون پڻ ڪيون ويون آهن. فلم کي يو/اي 16+  جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي، جنهن تحت 16 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جا نوجوان والدين يا سرپرست جي نگراني ۾ فلم ڏسي سگهندا. سينٽرل بورڊ فلم جو وقت 140 منٽ 20 سيڪنڊ رکيو آهي، فلم کي 14 آگست تي هندي ٻولي ۾ انگريزي سب ٽائٽلز سان سينيما گهرن جي زينت بڻايو ويندو. سينسر بورڊ فلمساز کي 9 هنڌن تي تبديليون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جن ۾ تشدد سان ڀريل منظرن کي مختصر ڪرڻ، غير مناسب لفظن کي آڊيو ۽ سب ٽائٽلز مان هٽائڻ، ۽ نشي ۽ تماڪ نوشي سان لاڳاپيل لازمي خبرداري پيغام شامل آهن. بورڊ فلم ۾ نشي جي نقصانن سان لاڳاپيل پيغام ڏيکارڻ ۽ پوري فلم دوران اينٽي اسموڪنگ وارننگ برقرار رکڻ جي به هدايت ڪئي آهي. اهڙي طرح ٻارن جي اسمگلنگ سان لاڳاپيل وارننگ به فلم ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي .