| عمران وٽ موبائل ئي ناهي: ايڪس اڪائونٽ هلائڻ جي ترديد: جيل انتظاميا جواب جمع ڪرائي ڇڏيو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ جو ايڪس اڪاؤنٽ بند ڪرڻ بابت درخواست ۾ اهم اڳڀرائي، جيل سپرنٽنڊنٽ پنهنجو جواب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. جيل سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ وٽ موبائل سميت ڪا به ممنوعه شيءِ موجود ناهي۔ جيل جي اندر موبائل فون سگنلز جيمر لڳل آهن، جيل جي اندر ۽ ٻاهران لڳندڙ علائقي ۾ موبائل سگنلز بند هوندا آهن۔ جيل رول 265 قيدي کي سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان روڪي ٿو۔ جيل انتظاميه باني پي ٽي آءِ جو ايڪس اڪاؤنٽ جيل مان هلائڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي۔ جواب جمع ڪرائيندي سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ جيل ۾ سخت نگراني هيٺ آهي، انهن تي مقرر ٿيل اسٽاف جي به مستقل تلاشي ورتي ويندي آهي۔ باني وٽ موبائل يا ٻي ڪا پابندي پيل شيءِ موجود ناهي، جيل ۾ موبائل جي اجازت نه آهي، موبائل سگنلز جيمر لڳل آهن ۽ جيل جي اندر ۽ ٻاهران موبائل موبائيل نيٽورڪن جا سگنلز بند هوندا آهن۔جيل سپرنٽنڊنٽ جو چوڻ هو ته جيل رول 265 مطابق باني پي ٽي آءِ کي سياسي ڳالهه ٻولهه کان روڪي ٿو۔ جيل ٽرائل دوران باني سان اُن جو خاندان ۽ وڪيل ملاقات ڪن ٿا، پر قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي اهي سياسي بحث مباحثو ڪندا آهن۔ باني جون سياسي هدايتون ماضي ۾ ڪيترن موقعن تي معاشري ۾ تشدد کي هوا ڏني. هن وڌيڪ ٻڌايو ته باني جو ايڪس اڪائونٽ جيل مان نه پر جيل جي ٻاهر کان ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي۔ جيل ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ جون سهولتون موجود ئي نه آهن۔ باني کي صرف جيل رولز ۽ عدالتي حڪمن مطابق سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون.