عمران پاران به چيف جسٽس کي خط لکڻ جو فيصلو: ٻڌايو ويندو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪيسز کي ڪيئن هينڊل ڪيو وڃي ٿو: بئريسٽر گوهر

مارچ 28, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان به  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط جي روشني ۾ چيف جسٽس کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ان حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته خط ۾ چيف جسٽس کي ٻڌايو ويندو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪيسز کي ڪيئن هينڊل ڪيو وڃي ٿو

اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد بئريسٽر گوهر پاران آچر تي پشاور ۾ عدليه جي حمايت ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو

ان موقعي تي لطيف کوسه چيو ته ملڪ ۾ انصاف کي جڪڙيو ويو آهي، شريف ڪٽنب کي کير سان ڌوتل قرار ڏيندي رعايتون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻن جيلن ۾ واڙيا ويا آهن

ٻئي طرف اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ عام قيدين سان ملاقات تي ٻن هفتن کان لڳل پابندي ختم ڪئي وئي آهي، جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته پابندي جو مقصد پي ٽي آءِ باني سوڌو ٻين قيدين جو تحفظ يقيني بڻائڻ هو

Leave A Comment