عمران کان جاچ ڪيئن ڪجي ؟ جي آءِ ٽي عدالت کان وقت گهري ورتو

مَي 23, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عمران خان خلاف 8 ڪيسز ۾ عبوري ضمانت واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي جي آءِ ٽي جا 2 ميمبر جوڊيشل ڪامپليڪس پهچي ويا

جي آءِ ٽي ميمبر ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتا

جي آءِ ٽي ميمبرن جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سان اِن چيمبر ملاقات ڪئي

ذريعن موجب عمران کي جاچ ۾ شامل ڪيئن ڪيو وڃي؟ ان تي جي ٽي آءِ ميمبرن وقت گهري ورتو

عمران سان مشاورت بعد جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو طريقيڪار جو فيصلو ڪيو ويندو

ان کان اڳ عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت  پيش ٿي چيو ته جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان چاهيان ٿو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي طرز تي جي آءِ ٽي انويسٽيگيشن ڪري

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جج چيو ته  جي آءِ ٽي اسلام آباد اڌ ڪلاڪ ۾ اچي ٻڌائي ته ڪيئن عمران خان کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ چاهيو ٿا

Leave A Comment