اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته سيڪيورٽي زون پڻ قائم ڪيو ويو آهي
ذريعن موجب توشا خانا ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ملڻ بعد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي لاهور مان گرفتار ڪري راولپنڊي آندو پيو وڃي جٿي اڊيالا جيل ۾ کيس قيد رکيو ويندو
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل جي لاڪپ ۾ هاءِ سيڪيورٽي زون قائم ڪيو ويو آهي جيل انتظاميا تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن
جيل انتظاميا جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالتي فيصلي تحت سهولتون ڏنيون وينديون