لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي آڻڻ وارو جنرل باجوه ۽جنرل فيض حميد هو، عمران توشا خانه کان القادر ٽرسٽ تائين اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي ان کي بچائڻ لاءِ موجوده چيف جسٽس سرگرم آهي
اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو هو ته نواز شريف کي نا اهل ڪرڻو آهي، حڪومت ختم ڪرڻي آهي ۽ جيل ۾ وجهڻو آهي، عمران کي آڻڻو آهي، ثاقب نثار اهو به چيو ته هي انهن ماڻهن جو فيصلو آهي، هنن جي اندران شاهديون اچي رهيون آهن، جسٽس شوڪت صديقي ٻاهر جو ماڻهو ناهي
اڳوڻي وزيراعظم آمريڪا وڃي چيو هو ته نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهيندس، ڌرڻن ۾ چيو ويو ته نواز شريف کي وزيراعظم هائوس مان گهلي ڪڍنداسين
ان شخص لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجو ڪيريئر داءُ تي لڳائي رهيو آهي، مون کي ته ڏک ٿئي ٿو، هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هو ڪرپشن ۾ ملوث آهي، جنرل باجوه ۽ جنرل فيض کيس آندو هو