عمران کي سزا ٻڌائيندڙ جج همايون دلاور کي او ايس ڊي بڻايو ويو

آگسٽ 25, 2023

اسلام آباد) پنهنجي ڊيسڪ) توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سزا ڏيندڙ جج همايون دلاور کي او ايس ڊي بڻايو ويو

 چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي رجسٽرار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي

همايون دلاور خان اسلام آباد ۾ بطور ايڊيشنل سيشن جج خدمتون ڏئي رهيو هو، جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي

Leave A Comment