عمران کي سزا ٿي چڪي، ڪوئي ملڪ ڏوهاري تائين ميڊيا کي رسائي ناهي ڏيندو: وزير اطلاعات
جنوري 22, 2024
اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين تي سنگين الزام آهن، کيس سزا ٿي چڪي آهي ۽ ڪو به ملڪ سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار تائين ميڊيا کي رسائي ناهي ڏيندو، هن چيو ته ڪنهن سياسي جماعت سان امتيازي سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ رجسٽرڊ سياسي جماعت آهي، رياستي ميڊيا تي پي ٽي آءِ سوڌو سمورين پارٽين کي برابر ڪوريج ڏني وڃي ٿي. وزير اطلاعات چيو ته نگران حڪومت آئين خلاف ڪو به قدم نه کڻندي، ملڪ ۾ آزاد، شفاف غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ليول پلئينگ جي شڪايت سڀني کي آهي، پي ٽي آءِ، نواز ليگ، پ پ، مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به برابر موقعن جي شڪايت ڪري ٿي، مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي 8فيبروري جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ گهرجي، مون کي اميد آهي ته چونڊون سياسي استحڪام آڻينديون، هڪ سوال تي هن چيو ته دهشتگرد جيستائين هٿيار ڦٽا نٿا ڪن ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم نٿا ڪن تيستائين ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.