عمران کي فوري رليف نه مليو، توشا خانه ٽرائل روڪڻ جي استدعا رد

آگسٽ 2, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عمران خان جي توشا خانه ڪيس ۾ ٽرائل فوري روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، عمران کي سپريم ڪورٽ مان فوري رليف نه ملي سگهيو

جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته اوهان جي درخواست غير موثر ٿي چڪي هئي، پوءِ به اسان ٻڌي ۽ حڪم ڏنو، اسان صورتحال کي سمجهون ٿا، اسان سمجهو هو ته هاءِ ڪورٽ اوهان کي بهتر آرڊر ڏيندي

جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته پهريان هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس لڳائينداسين، عمران جي وڪيل اسٽي جي استدعا ڪندي چيو ته جيستائين هاءِ ڪورٽ مان توشا خانه ڪيس جو فيصلو نٿو ٿئي تيستائين ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي

ڪيس جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي ، 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن

Leave A Comment