عمران کي فون تي پٽن سان به ڳالهائڻ جي اجازت ناهي: جمائمه

عمران کي فون تي پٽن سان به ڳالهائڻ جي اجازت ناهي: جمائمه

لنڊن(م ڊ) پي ٽي آءِ باني جي اڳوڻي زال جمائمه گولڊ اسمٿ چيو آهي ته عمران خان کي  فون تي سندس پٽن سان به ڳالهائڻ جي اجازت ناهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ تي جاري بيان ۾ هن چيو ته عمران جي پٽن کي خط موڪلڻ جي به اجازت ناهي. جمائمه جو وڌيڪ چوڻ هو ته حيران آهيان ته عالمي برادري طرفان ان معاملي تي مڪمل خاموشي آهي؟