بلاول ناتجربيڪار آهي: جمهوريت ڪمزور پئي ٿئي، اليڪشن ۾ ڪنهن پارٽي کي اڪثريت نه ملندي قومي حڪومت ٺهندي: آصف زرداري

نومبر 23, 2023

اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته بلاول اڃا تربيت يافتا ناهي، کيس وقت لڳندو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان حامد مير کي انٽرويو ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ اسان ٿر جي ڪوئلي کي ترقي ڏني. پيپلزپارٽي اهو چوندي آهي جيڪا حقيقت هي. بلاول اڃا تربيت يافتا نه آهي، کيس اڃا وقت لڳندو.  بلاول مون کان وڌيڪ ٽيلينٽيڊ آهي. پر تجربو تجربو هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته سياست منهنجي ضرورت نه پر مجبوري آهي. سياست ضرورت ان ڪري آهي جو بي بي ۽ ڪارڪنن شهادت ڏني، انهن جو اسان مٿان قرض آهي.  پي ٽي آءِ مائنس زرداري پيپلزپارٽي چاهيندي هئي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اسان کي 6 وزارتن جي آفر ڪئي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي پاڪستان مان نڪرڻ جو چيو ويو هو. اهي گيمز مٿان گيمز هونديون هيون.  هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪي معيشت جو دشمن هو. کيس نه ڪڍون ها ته هو هڪ فوجي ذريعي آر او اليڪشن ڪرائي ها. آر او اليڪشن ذريعي پي ٽي آءِ چيئرمين 2028ع تائين وزيراعظم ٿي وڃي ها ۽ پيسن جون ٽرڪون ڀري پرڏيهه ڀڄي وڃي ها.  حامد مير جي پڇڻ تي هن چيو اهو فوجي جنرل فيض ئي هو. هن چيو ته عمران خان جي رهڻ سان پاڪستان جو تمام وڏو نقصان ٿئي ها. هن جي ڪري پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو هو. معيشت جي تباهي پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪري ٿي وڃا ها. کيس ڪڍڻ جو فيصلو درست هو. ميزبان سوال ڪيو ته توهان کي جنرل باجوه عمران خان خلاف بي اعتمادي واپس وٺڻ جو چيو هو؟ هن چيو ته ها هن چيو هو پر اسان واپس نه ورتي. بي اعتمادي رٿ واپس وٺون ها ته ملڪ جو اڃا به وڌيڪ نقصان ٿئي ها. هڪ سوال جي جواب ۾ آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان ۾ دوستن جون مجبوريون آهن، مجبورين سبب جتي تحفظ ملي ٿو دوست اتي هليا وڃن ٿا. بلوچستان جي 9 ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کٽيون آهن. بلوچستان ۾ وڌيڪ دوست اچن، ويڙهه ٿيندي، اسان تيار آهيون. پنجاب ۾ هنن کي جتي سهولت نظر اچي ٿي،اتي هليا ُڃن ٿا. هن چيو ته محسن نقوي منهنجو پٽ آهي، اڄ به چوان ٿو. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم آهي زيادتي نه ٿئي، جتي زيادتي ٿئي ٿي اتي جي نشاندهي ڪيون ٿا. ارڙهين ترميم خلاف ڪجهه به ٿيو ته پيپلزپارٽي مزاحمت ڪندي. بلوچستان ۽خيبرپختونخوا به ارڙهين ترميم جو دفاع ڪندا . هن چيو ته جڏهن کان 18هين ترميم آئي ته اسان سنڌو درياهه تي 7 پلون  ۽ ڪيترائي روڊ ٺاهي چڪا آهيون. ٽيڪس سنڌ ڌئي ٿي ۽ هڪ روڊ لاءِ به وفاق وٽ وڃڻو پوي ٿو.  هن چيو ته ارڙهين ترميم تي  بي اعتمادي بيورو ڪريسي جي ڪري آهي. اسلام آباد جي بيوروڪريسي پاڪستان ۾ نه ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهندي آهي.  سندس چوڻ هو ته ڪوشش ڪنداسين ته مسنگ پرسنز جو مسئلو حل ڪريون. پاڙيسري پيسو لڳائي رهيو آهي ته بلوچستان ۾ عدم استحڪام ٿئي، ان کي روڪينداسين. بهتر آهي ته ان هنڌ پهچون جتي هلي سگھون. ضروري ناهي ته ن ليگ ليڊ ڪري، ٻيون پارٽيون ۽ شخصيتون به آهن، انهن کي گھرجي اسان کي موقعو ڏئي اسين هاڻي پنهنجي لاءِ گيم لڳائينداسين.  هن چيو ته اڃا بلوچستان جي زخمن تي مرهم رکيو آهي، ان سان معاملا ٿڌا ٿيندا، گھڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. ايم ڪيو ايم وارن چيو ته حمايت تڏهن ڪنداسين جڏهن گورنري ڏيندئو، اسان چيو ٺيڪ آهي.  آصف علي زرداري هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مون کي پڪ آهي ته اليڪشن 8 فيبروري تي ٿي ويندي.  هن چيو ته مون ڪڏهن انتقامي سياست ناهي ڪئي. منهنجي دور ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هو. هن چيو ته ميان صاحب کان سڀ ڊڄن ٿا، ڳالهائيندا ناهن. مون کان ڪير ناهي ڊڄندو، منهنجي سامهون سڀ ڳالهائيندا آهن، سڀئي منهنجي ڳچي مان وٺن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته چوڌري پرويز الاهي اسان سان معاملا طئي ڪري مٺايون کائي رات جو گھر ويو ته پي ٽي آءِ وارن جو ٿي ويو. کيس رات جو فون اچي ويو هو.  هن چيوته 172 سيٽون ڪا به پارٽي نٿي کڻي سگھي. نه ن ليگ اڪثريت کڻي سگهي ٿي نه پي ٽي آءِ  ۽ نه ئي اسان پيپلزپارٽي وارا کڻي سگھون ٿا. ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾گڏيل حڪومت ٺهندي.  هن چيو ته  اسان جي چونڊ مهم شروع آهي پيپلزپارٽي هن اليڪشن ۾ چڱو خاصو سرپرائيز ڏيندي. ان ڪري ئي اسان چونڊ مهم پهرين شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي خلاف هميشه اتحاد ٿيندا رهنداآهن.  فنڪشنل ليگ اسان جي خلاف الائنس ٺاهيو. ايم ڪيوا يم پهرين به گڏ نه هئي، هاڻي به نه آهي.  هن چيو ته گورنر پيپلزپارٽي جو اچڻوهو، اسان ايم ڪيو ايم کي گورنرشپ ڏئي ڇڏي. گورنر شپ ڏيڻ سان ڇا ٿو ٿئي. هن چيو ته بلاول سڀني کي ڪراڙو چئي رهيو آهي، رڳو مون کي نٿو چوي. پارٽي اميدوارن کي ٽڪيٽ آئون ڏيندو آهيان. اسان تلوار کي گندن آنن کان بچايو، گندن آنن تلوار جھلڻ جي ڪوشش ڪئي. ميزبان چيو ته توهان جي ۽ بلاول جي سوچ مختلف آهي پر پارٽي ته هڪڙي آهي. زرداري چيو ته نه ٻه پارٽيون آهن. هڪڙي فور پي آهي ٻي ٿري پي. فور پي مون وٽ آهي. پارٽي جا ٽڪيٽ آئون ڏيندو آهيان. هن چيو ته اڄ جي نئين نسل جي پنهنجي سوچ آهي. انهن کي سوچ جي اظهار جو حق آهي. آئون ڪنهن کي ڇو روڪيان، روڪيندس ته وڌيڪ مسئلا ٿيندا. بلاول چوندو توهان سياست ڪريو، آئون سياست نه ڪندس. ته آئون ڇا ڪندس؟ سياست ۾ سکندا سيکاريندا آهيون، مون کان به غلطيون ٿيون آهن.  هن چيو ته نئين نسل جي سوچ آهي ته “بابا توهان کي ڪجهه نٿو اچي” بلاول مون کي به چوندو آهي. دوستن، ٻارن کي سوچ ڏاڍي دير سان اچي ٿي.  هن چيوته منهنجي خلاف الزام لڳندا رهيا آهن پر مون ڪڏهن جواب نه ڏنو. جيڪي چون ٿا ته پنجاب ۾ ن ليگ جي نگران حڪومت آهي انهن کي ڪا خبر نه آهي. ميزبان سوال ڪيوته نديم افضل چن کي به خبر ناهي؟ ته زرداري چيو ان کي ته ڪا به خبر نه آهي.  هن چيو ته ارڙهين ترميم تحت پارليامينٽ کي اختيار ڏنا پر سياست ته اڄ به ڪمزور آهي. پارليامينٽ کي اختيار ڏيڻ ڪنهن دوست کي شايد نه وڻيو.  هن چيو ته مون تي 14 سال پراڻا ڪيس هئا، ختم ٿي ويا، مون تي ڪيس نواز شريف نه عمران خان ٻيهر کولرايا. پهرين 14 سال قيد ڪاٽي، عمران خان جي دور ۾ به 6 مهينا قيد رهيس.  هن چيو ته آءِ جي آءِ حميد گل اسان جي خلاف ٺاهي هئي.  هن چيو ته اسان پي ٽي آءِ خلاف ناهيون، صرف هڪ شخص خلاف آهيون. جمهوريت کي ٻيهر پنهنجي پاڻ کي بحال ڪرڻو آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصفه ڀٽو پنهنجي ماءُ وانگر ڪاوڙ جيتيز آهي. آصفه جي ڪاوڙ کان ڊپ ناهي ٿيندو، ان تي پيار ايندو آهي. توشا خانا مان بم پروف گاڏي ورتي هئي. ڪرنل قذافي به مون کي بم پروف گاڏي ڏني هئي.  هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته زمينداري منهنجي ڪمزوري آهي، ڪاروبار منهنجي ڪنسٽرڪشن آهي. سندس چوڻ هو ته هي پيپلزپارٽي جي آخري اليڪشن نه آهي. چونڊون ٿينديون رهنديون، اسان ادارن کي مضبوط ڪندا آهيون. ان ڪري اليڪشن ڪميشن تي به اعتماد آهي ته وقت تي چونڊون ڪرائيندي. هن چيو ته  پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ هوندي ۽ اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي.  سي پيڪ جو سهي فائدو ناهي ورتو ويو. سي پيڪ ان ڪري ناهي ڪيو ته رڳو روڊ ٺهرايا وڃن. روڊ ته آئون سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ ذريعي به ٺهرايان پيو. هنن کي ته اسان کي آڻڻو آهي ته هتان کان گوادر تائين روڊ ٺاهڻو آهي. اقتدار مليو ته ناڻي وزارت پارٽي مان آڻينداسين،  انٽرا پارٽي اليڪشن بابت سوال جي جواب ۾ آصف علي زرداري چيو ته ٻين پارٽين جي ڳالهه نٿو ڪريان پر اسان جي پارٽي ۾ چونڊون عوام جي راءِ موجب ٿين ٿيون، پرچي تي نه. هن چيو ته فلسطين ۽ پي ايل او به اسان جي لاءِ ڪشمير وانگرساهه واري رڳ آهي.

Leave A Comment