اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي وڌيڪ ٻن ڪيسن مان پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين کي بري ڪري ڇڏيو
پي ٽي آءِ باني، شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد سميت 11 ڄڻا ڪيس مان آجا قرار ڏنا ويا، جڊيشل ماجسٽريٽ صهيب بلال رانجها محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
باره ڪهو ٿاڻي تي پي ٽي آءِ باني، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد ۽ ٻين خلاف ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ ڪيس داخل ٿيل هئا
ڪيسن مان بري ٿيلن ۾ فيصل جاويد، سيف الله نيازي، عامر محمود ڪياني، پرويز خٽڪ، شيرين مزاري، اسد عمر ۽ ٻيا شامل آهن
عدالت فيصلو ٻڌائيندي رمارڪس ۾ چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين تي ماڻهن کي تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ جا ۽ ٻيا الزام ثابت نه ٿي سگهيا