عمران کي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار

آڪٽوبر 10, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ پي ٽِي آءِ چيئرمين کي پُٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

جيل سپرنٽينڊنٽ طرفان عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، پنهنجي موقف ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽيليفونڪ ملاقات جي اجازت ناهي

 عدالت قيدين سان فون تي ڳالهائڻ بابت جيل ايس او پي طلب ڪري ورتي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڊيالا جيل مان پٽن سان ٽيلفونڪ ملاقات جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي

جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ خصوصي عدالت پي ٽِي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ به مقرر ڪري ڇڏي آهي

Leave A Comment