عمران کي ڇو نه گهرايو؟ پي ٽي آءِ جو پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بابت بريفنگ جو بائيڪاٽ

مَي 5, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پاران پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بابت حڪومتي بريفنگ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي سياسي ڪور ڪاميٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت کي صورتحال تي اي پي سي طلب ڪرڻ گهرجي ها، سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي هڪ گڏيل لائحه عمل جوڙڻ گهرجي ها، بدقسمتي سان حڪومتي وزير پاران هڪطرفي بريفنگ ڏني پئي وڃي. پي ٽي آءِ پاران چيو ويو ته عمران کي شامل نه ڪيو ويو، حڪومت قومي اتفاق راءِ لاءِ سنجيده ناهي، پاڪستان تحريڪ انصاف هميشه هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي، عمران ناجائز طور جيل ۾ قيد آهي، اتان به دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اندروني استحڪام جي اهميت تي پڻ زور ڏنو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف قومي سلامتي، خودمختياري ۽ يڪجهتي لاءِ سنجيده ۽ هميشه تيار آهي.

Leave A Comment