عمران کي گرفتار ڪري سائفر هٿ ڪيو ويندو؟حڪومت پاران ڪارروائي جو اشارو

جُولاءِ 19, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سائفر معاملي ۾ عمران خان، شاهه محمود ۽ ٻين خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

گهرو وزير رانا ثناءُالله پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سائفر معاملي تي اعظم خان جو بيان سندس آڊيو جي تصديق ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي به ان ڏوهه ۾ ملوث آهي

هن چيو ته سائفر ڊرامو پاڪستان ۽ ان جي ادارن خلاف هو، منهنجي خيال ۾ هي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جا مرتڪب ٿيا آهن

رانا ثناءُالله چيو ته اعظم خان موجب هن اڳوڻي وزيراعظم کي ٻڌايو هو ته ڳجهو دستاويز پبلڪ نه ڪريو، اعظم خان سائفر معاملي جون سموريون حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون آهن

هن چيو ته سائفر گم نه ٿيو اهو پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ آهي، هڪ ڳجهو دستاويز پاڻ وٽ رکڻ هڪ ڏوهه آهي انهي ڏوهه ۾ آمريڪا جي اڳوڻي صدر خلاف به ڪارروائي ٿي رهي آهي

هن چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت اهو ڏوهه آهي، سيڪريٽ دستاويز نه رڳو عام ڪيو پر چوري ڪري پاڻ وٽ رکيو آهي، اهو قابل سزا ڏوهه آهي، ڳجهو دستاويز رکڻ جو ڏوهه ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين گرفتار ڪري سائفر برآمد نٿو ڪيو وڃي

گهرو وزير چيو ته اهو ڪير هو جنهن ڪڌن سياسي مقصدن لاءِ کيڏ کيڏيو؟ اهو ڪير هو جنهن سائفر جي بنياد تي هڪ ڊرامو رچايو؟ پاڪستان جي مفادن سان کيڏندڙن پاڻ ئي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي

رانا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ذاتي مفادن لاءِ راند کيڏي، 9مئي تي دفاعي ادارن تي حملو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين کي هر صورت ۾ سزا ملڻ گهرجي، سائفر جهڙي ڪوڙي ڊرامي تي عمران کي قانون جي ڪهٽڙي ۾ آندو وڃي

هڪ سوال تي رانا ثناءُ الله چيو ته اها ڳالهه منهنجي علم ۾ ناهي ته اڳوڻي وزيراعظم جو نالو وٺڻ تي پابندي آهي

Leave A Comment