عمران ڪرتوتن جي سزا پيو ڀوڳي، واڳون ڳوڙها ڳاڙي ٿو: گورنر ڪنڊي

  عمران ڪرتوتن جي سزا پيو ڀوڳي، واڳون ڳوڙها ڳاڙي ٿو: گورنر ڪنڊي

پشاور (م ڊ) ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير سهيل آفريدي کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته ڪي پي جو ڪيس اڊيالا ۾ نه سرڪاري ادارن ۾ وڙهو، انٽليجنس آپريشن جي حمايت ۽ وفاق جي تعاون کانسواءِ صوبو نٿو هلي سگهي، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اهي ماڻهو چاهين ٿا ته فوج صوبي مان  نڪري وڃي جيڪڏهن فوج نڪري وئي ته اسان جي صلاحيت ناهي ته 2 – 3 ڏينهن به صوبو سنڀالي سگهون. هن وڌيڪ چيو ته آئين ۾ گورنر راڄ جي شق آهي جيڪا غيرآئيني ناهي، گورنر ڪي پي وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪرتوتن جي سزا ڀوڳي نڪري ايندو، ڏيڍ ٻه سال سزا به  ناهي ڪاٽي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.