| عمران ڪڏهن به فوج خلاف ناهي رهيو: علي محمد خان |
اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته عمران خان ڪڏهن به اهو نه چيو ته هو فوج جي خلاف آهي. عمران خان چوي ٿو ته ملڪ به سندس آهي ۽ فوج به سندس آهي، هو صرف اهو چوي ٿو ته اداري جو سياست ۾ ڪردار نه هجڻ گهرجي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي کان وڏو مسئلو سياسي عدم استحڪام آهي، جيڪڏهن سياسي استحڪام هوندو ته معيشت به بهتر ٿيندي.