اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن وٽ پيش ٿيو، 2 آگسٽ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو
اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن توهين اليڪشن ڪميسن جي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان پيش ٿيو
اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني چيو ته اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين تي چارج فريم نه ٿيڻو هو، پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته اليڪشن ڪميشن پهريان اسان جي اعتراضن تي فيصلو ڪري، آئون گذريل ٻڌڻي کان عمران جو وڪيل مقرر ٿيو آهيان مون کي ڪيس جا فائل پڙهڻ جو موقعو ڏنو وڃي
اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ جي ميمبر نثار دراني چيو ته 2 آگسٽ تي پي ٽي آءِ چيئرمين تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، ايندڙ ٻڌڻي تي عمران ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 2 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي