اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مختلف ڪيسن ۾ پيشي لاءِ جوڊيشل ڪامپليڪس پهچي ويو آهي عمران خان سخت سيڪيورٽي ۾ جوڊيشل ڪامپليڪس پهتو ساڻس گڏ گهرواري بشريٰ بي بي به آهي
عمران خان وڳوڙن، باهيو ڏيڻ، قلم 144 سوڌو مختلف 8ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسلام آباد ۾ پيش ٿيو آهي
عمران خان جي پيشي جي موقعي تي ليڊيز پوليس سميت وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد چيو ته جي آءِ ٽي اڄ عدالت ۾ به موجود ناهي جي آءِ ٽي سنجيده هجي ها ته اڄ عدالت ۾ موجود هجي ها
جج چيو ته جي آءِ ٽي اسلام آباد اڌ ڪلاڪ ۾ اچي ٻڌائي ته ڪيئن عمران خان کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ چاهيو ٿا
عمران خان روسٽرم تي اچي عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن به گهران نڪران ٿو جان جوکي ۾ وجهان ٿو
گهرو وزير به چئي چڪو آهي ته منهنجي جان کي خطرا آهن
عمران خان چيو ته جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان چاهيان ٿو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي طرز تي جي آءِ ٽي انويسٽيگيشن ڪري
دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي عدالت عمران خان کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
عمران خان 190ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ نيب راولپنڊي ۾ به اڄ پيش ٿيندو
القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران جي پيشي جي موقعي تي نيب راولپنڊي ٻاهران وڏي انگ ۾ نفري مقرر ڪئي وئي آهي نيب دفتر ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا آهن ۽ غيرلاڳاپيل ماڻهن جي جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي
راولپنڊي ۾ نيب دفتر ٻاهران بڪتربند ۽ قيدي وين به پهچائي وئي آهي
گذريل ڏينهن عمران خان پنهنجي گرفتاري جو به خدشو ظاهر ڪيو هو
ان کان اڳ عمران خان گهرواري بشريٰ بي بي سوڌو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي