| عمران ۽ بشرا جي سزا خلاف اپيلن تي اڱاري ڏينهن ٻڌڻي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باني پي ٽي آءِ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف داخل ڪيل مرڪزي اپيلن ۽ سزا معطلي بابت درخواستن کي 31 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ايندڙ هفتي جي ڪيسن جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي ، جنهن موجب هي معاملو چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي ٻڌل ڊويزن بينچ آڏو ٻڌڻي لاءِ رکيو ويو آهي. واضح رهي ته نيب سزا معطلي جي درخواستن جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض داخل ڪيو آهي، جنهن تي عدالت درخواستگذارن جي وڪيل کان جواب طلب ڪيو آهي. 17 جنوري 2025ع تي اسلام آباد جي احتساب عدالت باني پي ٽي آءِ کي 14 سال ۽ بشرا بي بي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن خلاف ٻنهي طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. سزا يافته جوابدارن سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي آهي. جنهن بابت هاڻي 31 مارچ تي اهم ٻڌڻي ٿيندي.