عمران ۽ بشرا کي وڏو رليف،توشا خانه ڪيس ۾ سزا معطل، ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم:سزا خلاف اپيل عيد بعد ٻڌنداسين:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اپريل 1, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ گھرواري بشرا بي بي جي سزا معطل ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراھيءَ ۾ 2 رڪني بينچ باني تحريڪ انصاف عمران خان ۽ ان جي گھرواري بشرا بي بي جي توشا خانه ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

عمران خان طرفان بيرسٽر علي ظفر دليل ڏنا، ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته ڇا اڄ اپيل تي ٻڌڻي مقرر آھي؟ اپيل شروع نه ڪندا، جيڪڏھن اوھان چاھيو ته سزا معطلي تي دليل ڏيو، وڪيل علي ظفر چيو ته اسان سزا معطلي بجاءِ مرڪزي اپيل تي دليل ڏينداسين

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توشا خانه ڪيس اڄ ٻڌي سگهون ٿا، سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ نٿا رکي سگھون، سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي جا دليل شروع ٿيڻا آھن، اسان کي ناھي معلوم ھو ڪيترو وقت وٺندا، اسان توشا خانه ڪيس کي عيد کانپوءِ رکي وٺون ٿا

ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فيصلي جو جائزو ورتو وڃي ھي سزا معطلي جو ڪيس آھي ان تي عدالت چيو ھي نيب جو وڏو قابل تعريف موقف آھي، جنھن بعد عدالت باني تحريڪ انصاف عمران ۽ ان جي گھرواري بشريٰ بي بي جي توشا خانه ۾ سزا معطل ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي

جسٽس عامر فاروق چيو ته سزا خلاف اپيل عيد بعد مقرر ڪنداسين. واضح رهي ته راولپنڊي جي احتساب عدالت 31 جنوري 2024ع تي ٻنهي کي 14-14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني کي 10 سالن لاءِ نااهل به قرار ڏنو هو

Leave A Comment