اسلام آباد(بيورو رپورٽ) راولپنڊي جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ بشريٰ بي بي کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني طرفان بيرسٽر سلمان صفدر، عمير نيازي ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا
نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي دليل ڏنا، ٻڌڻي جي موقعي تي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا، عدالت ٻنهي جوابدارن جي موجودگي ۾ فرد جرم پڙهي ٻڌايو پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
جج پاران عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته اوهان تي فريم چارج ڪيو پيو وڃي، اوهان ٻڌايو ته اوهان ڏوهاري آهيو يا نه؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مون کي چارج شيٽ پڙهي ڇا ڪرڻو آهي مون کي خبر آهي ته انهي ۾ ڇا لکيل آهي
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني چيو ته اسان انهي ڪيس ۾ دير نٿا چاهيون، 28 فيبروري کان اڳ نيب کي جلدي هئي، هاڻ اسان چاهيون ٿا ته سزا جلدي ملي، جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي 58 گواهن مان 5 گواهن کي شاهديون رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو