| عمران ۽ بشريٰ بي بي پاران 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا معطلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا معطلي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو. درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي سزا معطل ڪرڻ ۽ ٻنهي جي آزادي جا حڪم ڪرڻ جي عدالت کان استدعا ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سزا معطلي جي درخواست رد ڪرڻ انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ هو، جڏهن ته درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيڻ باوجود ڪيس جي اهم قانوني نڪتن کي نظرانداز ڪيو ويو. قيد دوران باني پي ٽي آءِ کي نظر جي تڪليف ٿي، جنهن سبب علاج لاءِ جيل کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو، پر سخت صحت جي مسئلن باوجود آزادي نه ڏيڻ ناانصافي آهي. اڪيلائي واري قيد سبب شديد ذهني اذيت برداشت ڪرڻي پئي، ٽرائل دوران ضمانت ملي چڪي هئي ۽ الزام بي بنياد قرار ڏنا ويا هئا. سزا معطلي بابت فيصلو ڪندي ڪيس جي بنيادي نڪتن ۽ شروعاتي شاهدن جو جائزو وٺڻ قانوني طور ممڪن هو، پر اهڙو جائزو وٺڻ کان سواءِ درخواست رد ڪئي وئي. درخواست موجب نيب بار بار التوا وٺي ڪارروائي کي ڊگهو ڪيو، جنهن سبب انصاف ۾ دير ٿي. ان کان علاوه گرفتاري جو طريقو غيرقانوني ۽ غيرذميواراڻو هو، جنهن تي اڳ هڪ اعليٰ عدالت آزادي جو حڪم پڻ جاري ڪيو هو. احتساب جي نالي ۾ سياسي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ منصفاڻي ٻڌڻي جي اصولن کان انحراف ڪيو ويو. نيب قانون ۾ ترميم کانپوءِ حتمي اپيل آئيني عدالت ٻڌڻ جو اختيار رکي ٿي، پر ضمانت بابت اپيل آئيني عدالت ۾ داخل ڪرڻ جو ڪو ذڪر موجود ناهي، تنهن ڪري موجوده حالتن ۾ سزا معطلي جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ئي ٻڌڻي لائق آهي. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳ باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جون سزا معطلي بابت اپيلون رد ڪري ڇڏيون هيون.