عمران ۽ بشريٰ توشا خاني کي ڏيڍ ارب جو نقصان ڏنو، 108 قيمتي تحفا کڻي ويا: فرد جرم لاڳو، ضمانت رد
جنوري 10, 2024
اسلام آباد / راولپنڊي ( بيورو رپورٽ/ م ڊ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي تي توشا خانا ڪيس ۾ فرم جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي تي فرم جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. عدالت پاران بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس جون ڪاپيون به فراهم ڪيون ويون آهن.. هوڏانهن توشه خانه ڪيس ۾ باني تحريڪ انصاف ۽ بشرا بي بي خلاف چارج شيٽ جو مواد به سامهون اچي ويو آهي. چارج شيٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي دور ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي کي مختلف ملڪن جي سربراهن کان 108 تحفا مليا. جوابدارن 108 تحفن مان 58 قيمتي تحفا پاڻ وٽ رکيا، بشري بي بي 14 ڪروڙ روپين جي ماليت جا 58 قيمتي تحفا پاڻ وٽ رکيا. تحريڪ انصاف سعودي ولي عهد کان ملندڙ زيورات انتهائي گهٽ قيمت ۾ پاڻ وٽ رکيا. توشا خانا قانون مطابق سمورن تحفن جي توشا خانه ۽ رپورٽ ڪرڻ لازمي آهي. جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته بشرا بي بي سعودي ولي عهد کان ملندڙ جيولري سيٽ مليا. جيڪي ملٽري سيڪريٽري ذريعي توشہ خانہ ۾ رپورٽ ته ٿيا پر جمع نه ڪرايا ويا. پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بيبي زيورن جي سيٽ لاءِ 90 لک رپيا ادا ڪيا، پرائيويٽ فرد کان سيٽ جي اصل قيمت کان تمام گهٽ قيمت لڳرائي وئي. زيورن جي سيٽ جي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ دبئي جي هڪ ماهر سان به رابطو ڪيو ويو، بشرا بي بي ۽ پي ٽي آءِ جي باني توشا خانا قانون جي خلاف ورزي ڪئي، اختيارين جو غلط استعمال ڪندي تحفن جي من ماني قيمت لڳرائي جنهن تي قومي خزاني کي 1583 ملين رپين جو نقصان پهتو. سمورن گهربل ثبوتن، دستاويزي ثبوتن ۽ انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ جوابدارن خلاف ٽرائل شروع ڪيو پيو وڃي.