عمران ۽ بشريٰ جي اڪيلائي واري قيد بابت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

عمران ۽ بشريٰ جي اڪيلائي واري قيد بابت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي مبينا اڪيلائي واري قيد کي غيرقانوني قرار ڏئي ختم ڪرڻ بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس خادم حسين سومرو ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي آگسٽ جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين سومرو پڇاڻو ڪيو ته ڇا باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کي اڪيلائي واري قيد جي ڪا سزا ڏني وئي آهي. جنهن تي نيب جي پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته اهڙي ڪا سزا نه ڏني وئي آهي ۽ ٻنهي کي اڪيلائي واري قيد ۾ به نه رکيو ويو آهي. درخواستگذار جيل سپرنٽنڊنٽ سان رجوع ڪرڻ کان سواءِ سڌو عدالت اچي ويا، جڏهن ته جيل ضابطن موجب پهرين جيل اختيارين سان رجوع ڪرڻ ضروري هوندو آهي. جوابي دليل ڏيندي بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته سندس اعتراضن جو تعلق نيب سان نه، پر جيل انتظاميا جي قدمن سان آهي. هن عدالت کي استدعا ڪئي ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کي عدالت ۾ طلب ڪري سندن حالتون سڌو سنئون معلوم ڪيون وڃن. کين وڪالت نامن تائين به رسائي نٿي ڏني وڃي ۽ موجوده صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي آگسٽ جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.