عمران ۽ بشريٰ جي اڪيلائي واري قيد بابت لکت ۾ دليل جمع: لوڪل ڪميشن مقرر ڪرڻ جي اپيل

عمران ۽ بشريٰ جي اڪيلائي واري قيد بابت لکت ۾ دليل جمع: لوڪل ڪميشن مقرر ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي اڪيلائي واري قيد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، بيرسٽر سلمان صفدر 19 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ دليل جمع ڪرائي ڇڏيا. لکت وارن دليلن ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي رپورٽ کي حقيقتن جي ابتڙ، گمراهه ڪندڙ ۽ نامڪمل قرار ڏنو ويو آهي. دليلن ۾ چيو ويو آهي ته ڏيڍ صفحي تي ٻڌل رپورٽ ۾ اڪيلائي واري قيد بابت سمورن سنگين خدشن ۽ مسئلن جو احاطو ناهي ڪيو ويو. بيرسٽر سلمان صفدر عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ لوڪل ڪميشن يا فرينڊ آف دي ڪورٽ مقرر ڪيو وڃي. ڪميشن پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات ڪري پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. عدالت ٻنهي کي طلب ڪري اڪيلائي واري قيد بابت سندن بيان قلمبند ڪري يا وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪيا وڃن. لکت وارن دليلن ۾ هڪ بورڊ جوڙڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ماهر، رياست ۽ درخواستگذارن جا نمائندا شامل هجن. بورڊ سينٽرل جيل اڊيالا جو دورو ڪري لاڳاپيل سهولتن ۽ رڪارڊ جو معائنو ڪري ۽ قيدين کي اڪيلائي ۾ رکڻ واري معاملي تي آزاداڻي رپورٽ پيش ڪري. سلمان صفدر پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي کي ڪتابون ۽ ٽي وي فراهم ڪرڻ جي به استدعا ڪئي آهي. ان سان گڏ پنجاب جي وڏي وزير طرفان قيدين کي وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائڻ جي جيڪا سهولت ڏني وئي آهي، اها سهولت پي ٽي آءِ جي باني کي به فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي باني جا وڪيل 300 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ سندس نمائندگي ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري جيل رولز موجب قانوني ٽيم کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. درخواست ۾ خاندان ۽ دوستن سان هفتيوار ملاقاتون يقيني بڻائڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه پي ٽي آءِ جي باني جون ميڊيڪل رپورٽون ۽ مڪمل طبي رڪارڊ عدالت سان گڏ درخواستگذارن کي پڻ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي چرپر کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي قيدين کي پنهنجي مخصوص احاطي کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي. سلمان صفدر پنجاب جي وڏي وزير طرفان قيدين کي وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائڻ جي فراهم ڪيل سهولت پي ٽي آءِ جي باني کي به ڏيڻ، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي کي ڪتابون ۽ ٽي وي فراهم ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ جيل ضابطن موجب قيدين جون خاندان جي ماڻهن ۽ دوستن سان هفتيوار باقاعده ملاقاتون يقيني بڻائڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.