| عمران ۽ بشريٰ جي اڱاري تي ملاقات ٿيندي آهي، 84 ڀيرا ملاقاتون ڪري چڪا آهن: رپورٽ عدالت ۾ پيش |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ جي صحت ۽ جيل ۾ ملاقاتن بابت اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻن صفحن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ بينچ توهين عدالت جو ڪيس اڪلائي چڪي آهي. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ سلمان اڪرم راجا پاران عدالت ۾ ڏنل خاطري جو پڻ حوالو ڏنو ويو آهي. سلمان اڪرم راجا عدالت کي يقين ڏياريو هو ته هو ملاقات کان پوءِ جيل جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندو، جڏهن ته ٻڌڻي دوران ڪنهن به ڌر ان معاملي تي اعتراض نه اٿاريو. رپورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي حڪم باوجود ميڊيا سان ڳالهائي ان جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ پنجاب حڪومت بنام شير افضل ڪيس ۾ جيل رولز 265 کي به قانون جي ابتڙ قرار ڏئي چڪي آهي. اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ جي رپورٽ موجب جيل ۾ ملاقاتن ذريعي عدليه، پرڏيهي پاليسي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف عوامي جذبات ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. باني پي ٽي آءِ ۽ سندس گهرواري جي هر اڱاري تي جيل رولز تحت باقاعدي ملاقات ڪرائي ويندي آهي ۽ هن وقت تائين ٻنهي جون 84 ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. سلمان صفدر پڻ 10 فيبروري ۽ 4 اپريل 2026 تي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪري چڪو آهي. باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته طبي آفيسر ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا سندس کاڌي پيتي جي نگراني ۽ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪندا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي سرڪاري ڊاڪٽرن پڻ سندس معائنو ڪيو، جنهن جو رڪارڊ موجود آهي. باني پي ٽي آءِ جي اکين جو علاج ماهر امراضِ چشم کان ڪرايو ويندو رهيو آهي ۽ سندس هڪ اک تقريباً نارمل ٿي چڪي آهي. رپورٽ سان گڏ 4 نومبر 2023 کان 10 آگسٽ 2026 تائين 39 مختلف طبي ماهرن پاران ڪيل چيڪ اپس جي سمري پڻ شامل ڪئي وئي آهي. اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ پنهنجي رپورٽ ۾ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي آهي ته باني پي ٽي آءِ جي صحت ۽ ملاقاتن بابت ڪيس اڪلايو وڃي.