| عمران ۽ بشريٰ جي سزا خلاف اپيل يا معطلي ۽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي؟ هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف مرڪزي اپيل ٻڌڻي ٿيندي يا پهرين سزا معطلي ۽ ضمانت تي آزادي جو فيصلو ٿيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڪيلن کي باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کان هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اپيل مقرر ٿيندي ته سزا معطلي واري درخواست نه ٻڌي ويندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ نيب جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر جاويد اشرف چيو ته هنن سزا معطلي جي درخواستن تي اعتراض اٿاريندي انهن جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ بابت ٻه درخواستون داخل ڪيون آهن. جيڪڏهن مرڪزي اپيل ۾ نوٽيس جاري نه ٿيو هجي ته سزا معطلي جون درخواستون نه ٻڌيون وينديون. نيب قانون ۾ ترميم کانپوءِ اپيلن تي نوٽيس کانسواءِ سزا معطلي نٿي ٻڌي سگهجي. سزا معطلي جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ئي نه آهن، جيڪڏهن اپيلن تي دليل ڏيڻا آهن ته اڄ کان شروع ڪن. بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته سڀ ڳالهيون صرف نيب جون نه مڃيون وينديون. نيب وارا هن ڪيس ۾ باني ۽ بشريٰ بي بي کي ڊگهي عرصي تائين جيل ۾ رکڻ چاهين ٿا. باني پي ٽي آءِ کي بار بار گرفتار ڪيو ويو ۽ بار بار آزادي جا حڪم به جاري ٿيا. اهي ڪنهن به صورت ۾ نٿا چاهين ته ضمانت ٻڌي وڃي. ميڊيڪل بنياد به موجود آهي. اسان کي سائفر ڪيس جي اپيل ۾ دليل ڏيڻ لاءِ ٽي مهينا لڳا هئا، هن ڪيس ۾ به پنج ڇهه مهينا لڳي سگهن ٿا. ڏهه مهينا ٿي چڪا آهن نوٽيس جاري ٿئي، اسان هميشه موجود رهيا آهيون. هن چيو ته جنوري 2025 ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کي سزا ٿي، جنهن کي 14 مهينا ٿي چڪا آهن. اسان هن وقت مرڪزي اپيل نه پر سزا معطلي ۽ ضمانت تي آزادي چاهيون ٿا. پنج مهينن کان باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات ناهي ٿي، جنهن ڪري هدايتون به نٿيون وٺي سگهجن. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن هفتي ۾ ٻه ڏينهن ڏنا وڃن ته ڇا اوهان اپيل تي دليل ڏئي سگهندا. اوهان هدايتون وٺي اچو، اسان تاريخ ڏئي ڇڏيون ٿا. بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته توشه خانه ون ڪيس ۾ به اپيلون مقرر ناهن ٿي رهيون، پراڻيون اپيلون پهريان ٻڌيون وڃن. نيب ڪيسن ۾ عورتن کي 15، 15 ڏينهن ۾ ضمانت ملي وڃي ٿي. نيب پاران ڪيس لٽڪائڻ سبب عدالت اسان جون سزا معطلي جون درخواستون ٻڌي. بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته مان پنهنجي ڪلائنٽس سان ملاقات کانسواءِ ڪجهه نٿو چئي سگهان، جيڪڏهن عدالت ملاقات ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ته آئون هليو وڃان ٿو. عدالت هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.