اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جي غير شرعي نڪاح وارو معاملو، عدالت سول جج جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي تفصيلي فيلصو جاري ڪري ڇڏيو
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بيءَ خلاف سول جج جي عدالت ۾ پرائيويٽ شڪايت داخل ٿي، درخواست گذار محمد حنيف سول جج جي فيصلي جي خلاف اپيل
داخل ڪرائي
فيصلي ۾ چيو ويو ته نڪاح تقريب لاهور ۾ ٿيڻ ڪري جج پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي خلاف درخواست ناقابل سماعت قرار ڏني، سول جج جي فيصلي موجب نڪاح لاهور ۾ ٿيڻ ڪري اختيار جو دائرو اسلام آباد جي عدالت جو نٿو بڻجي
سول جج سيڪشن 179 جي تحت درخواست کي ناهي ٻڌو، فيصلو وضاحتي ناهي، سول جج جو فيصلو ۽ دليل ٻڌڻ بعد ڄاڻ پئي ته ڪيس تفصيلي نه ٻڌيو ويو، درخواستگذار جي اپيل منظور ڪئي ٿي وڃي، سول جج جو 13 مئي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي
عدالت چيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ بني گالا جو معاملو واپس موڪليو ٿو وڃي، قانوني نقطن کي نظر ۾ رکي جڊيشل مئجسٽريٽ درخواست تي فيصلو ڪري