اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس کي ھدايت ڪئي آھي ته ھو لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪري بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل ۾ باني تحريڪ انصاف سان ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن ۽ خاص ڪري عيد واري ڏينھن ملاقات ڪرائڻ جي فيصلي تي عمل ڪرائي
چيف ڪمشنر آفيس، جيل اختيارين ۽ ٻين ڌرين سان رابطو ڪري رپورٽ ڏني وڃي ته عدالتي فيصلي تي ھن وقت تائين عمل ڇو ناھي ٿيو؟
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته ٻنھي طرفن کان سياست ٿي رھي آھي، عيد کانپوءِ ھن ڪيس کي ٻڌي فيصلو ڪنداسين
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب عدالتي حڪم تي عمل لاءِ بشريٰ بي بي پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پٽيشنر جي وڪيل عثمان رياض گل ٻڌايو ته آرڊر تي عمل ناهي ٿيو
عدالت چيو ته عدالتي حڪمن کي ڪيئن نظر انداز ڪري سگھجي ٿو؟ جيڪڏھن آرڊر تي عمل ناھي ٿيو ته توھين عدالت جي درخواست داخل ڪريو. اسان ڪاروائي ڪنداسين