عمران ۽ بشريٰ خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي: اڄ نه ٻڌايو ويندو

ڊسمبر 23, 2024

راولپندي ( م ڊ ) تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ نه ٻڌايو ويندو. احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪندي اعلان ڪيو هو ته اهو 23 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصلو اڄ نه ٻڌايو ويندو. ذريعن موجب 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ اڊيالا جيل بدران احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي عملي طرفان ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ احتساب عدالت اسلام آباد فيصلي جي نئين تاريخ ڏيندي. ذريعن موجب 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو جنوري 2025 جي پهرئين هفتي ٻڌايو ويندو.گذريل سال 27 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو، ريفرنس جو ٽرائل هڪ سال ۾ مڪمل ٿيو، نيب 35 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا هئا، اهم شاهدن ۾ اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان، اڳوڻو وزيراعليٰ پرويز خٽڪ، اڳوڻي وفاقي وزير زبيده جلال جا به بيان رڪارڊ ڪيا ويا هئا.

Leave A Comment