| عمران ۽ بشريٰ سان ملاقات جي اجازت نه ملي: اڳواڻ ۽ ڪارڪن واپس |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ ۽ بشرا بي بي سان ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو. جيل انتظاميا فيملي ميمبرن ۽ وڪيلن کي ملاقات جي اجازت نه ملي۔ باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن عليمه خان ۽ نورين نيازي، سلمان اڪرم راجه، نعيم حيدر پنجھوٽه ۽ ضياد خالق ڪياني سميت ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن عمران خان سان ملاقات لاءِ جيل ٻاهران پهتا. پر ملاقات جو ٽائيم ختم ٿيڻ باوجود اُنهن کي ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي.