| عمران ۽ بشريٰ سزايافتا، احتجاج سان ڪيئن آزاد ٿيندا؟ گورنر ڪنڊي |
پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي سزا يافته آهن، ڇا ڪنهن به سزا يافته شخص کي احتجاج جي ذريعي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو؟ پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي سوال اٿاريو ته بشريٰ بي بي ڪيئن غيرسياسي ٿي سگهي ٿي؟ ڊي چوڪ احتجاج جي اڳواڻي بشريٰ بي بي ڪئي، هاڻ سياسي نه هجڻ جي دعويٰ غلط آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر بشريٰ بي بي جي اثر هيٺ هئا، توشه خانه ڪيس ۾ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو جيڪڏهن گرفتاري غلط آهي ته عدالتن سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته جتي دهشتگرد هوندا اتي آپريشن ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي به صوبي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي.