عمران ۽ بشريٰ لاءِ نئين پريشاني، فرح گوگي سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ تيار

جُولاءِ 25, 2023

لنڊن (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي لاءِ هڪ نئين پريشاني پيدا ٿي وئي آهي، فرح گوگي سلطاني شاهد بڻجندي

ذريعن موجب اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي قابل اعتماد سهيلي فرح گوگي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف سلطاني شاهد بڻجڻ جو امڪان آهي

فرح گوگي اڳ ئي پاڪستاني اٿارٽيز سان سهڪار ڪري رهي آهي، تقريبن هڪ مهيني کان رابطي ۾ آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ قيادت ايف آءِ اي سان سهڪار نه ڪرڻ جو چيو آهي

نجي ٽي وي چينل موجب فرح گوگي اڳ ئي پاڪستاني اٿارٽيز کي اهم معلومات فراهم ڪري چڪي آهي، ذريعن موجب مئي جي پهرين هفتي ۾ فرح گوگي کي يو اي اي ڇڏڻ جو چيو ويو هو

پاڪستان جي حڪومت گلف اسٽيٽ کي ٻڌايو ته فرح گوگي هڪ گهربل شخصيت آهي ۽ دبئي ۾ پنهنجي قيام دوران بدعنواني ۾ ملوث رهي آهي

فرح گوگي کي يو اي اي ڇڏڻ جو چيو ويو هو ۽ ان کانپوءِ هوءَ بليڪ لسٽ آهي، پنهنجي ڪيس جي ڪري يو اي اي ۾ داخل ٿي نٿي سگهي، فرح گوگي اٽلي پهچي پاڪستاني اٿارٽيز سان رابطو ڪيو جنهن بعد اهم اڳڀرائي ٿي آهي

فرحت شهزادي عرف فرح خان (فرح گوگي) عمران حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ اچڻ کانپوءِ پاڪستان مان فرار ٿي وئي هئي، هاڻ حڪومتي معاملن ۾ سندس ڪردار بابت جاچ ۾ کيس شامل ڪيو پيو وڃي، فرح گوگي تي پنجاب ۾ بدلين ۽ مقررين سوڌو ڪرپشن جا به الزام آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم-6 حيدرآباد-سکر موٽر وي بابت اجلاس

  • نينگر کي پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر

  • قمبر: مري جا قبا ڀرسان ٻٽو قتل

  • جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس بابت اجلاس