عمران ۽ بشريٰ پاران توشاخانه ٽو ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل داخل

عمران ۽ بشريٰ پاران توشاخانه ٽو ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ ۽ بشرا بي بي توشه خانو ٽو ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي. رجسٽرار آفيس ٻنهي اپيلن کي ڊائري نمبر الاٽ ڪري ڇڏيو. باني پي ٽي آءِ ۽ بشرا بي بي اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته انعام الله شاهه کي اڳ ۾ ئي برطرف ڪيو ويو هو، ۽ عدالت صرف اُن جي بيان تي ڀاڙي نه سگهي. باني پي ٽي آءِ ۽ بشرا بي بي خلاف استغاثه ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. عدالت کان درخواست آهي ته توشه خانو ٽو ڪيس وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي ڏوهه ۾ مختلف ڀيرا سزا نٿي ڏئي سگهجي. اسپيشل سينٽرل عدالت کي ٻڌڻيءَ جو اختيار نه هو، صهيب عباسي کي غير قانوني طور تي سلطاني گواھ بڻايو ويو، درخواست ۾ اپيل جلد کان جلد مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. رجسٽرار آفيس ٻنهي اپيلن کي ڊائري نمبر الاٽ ڪري ڇڏيو آهي.