عمران ۽ شاهه محمود کي سائفر ڪيس ۾ اڱاري تي پيش ڪرڻ جو حڪم

نومبر 23, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاھه محمود قريشي کي 28 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد جي جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي دوران شاھه محمود قريشي جو وڪيل علي بخاري ۽ خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي ڪٿي آھي؟، جنھن تي عدالتي عملي سائفر ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي جج کي فراھم ڪئي

 ٻڌڻي دوران جج ابوالحسنات ذوالقرنين وڪيل علي بخاري کي چيو ته بخاري صاحب اوھان لاءِ ته وڏي ڪاميابي ٿي آھي جنھن تي وڪيل علي بخاري چيو ته ھو پھرين ڏينھن کان اھو ئي چئي رھيا ھئا

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاھه محمود قريشي کي 28 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو ته ڪيس جو ٽرائل هاڻي 29 آگسٽ کان پهرين واري پوزيشن سان اڳتي وڌندو

ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي جيل ٽرائل خلاف عمران خان جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي 29 آگسٽ کان 15 نومبر تائين نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنا هئا، جيل ٽرائل ڪالعدم قرار ڏنو هو

خصوصي عدالت 29 آگسٽ کان بعد جي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪندي جنهن تحت جوابدارن تي فرد جرم به ٻيهر لاڳو ٿيندو

Leave A Comment