عمران ۽ فواد چوڌري تي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو: جوابدارن پاران الزام مڃڻ کان انڪار

جنوري 3, 2024

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ  باني ۽ فواد چوڌريءَ تي توهين اليڪشن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو، جوابدارن الزام مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اڊياله جيل ۾  توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ جو باني ۽ اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بئنچ آڏو پيش ٿيا، جوابدارن کي فرد جرم پڙهي ٻڌايو ويو

 جوابدارن چارج شيٽ ۾ لڳل الزامن کان انڪار ڪيو جنهن بعد اليڪشن  ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

توهين اليڪشن ڪميشن  ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني  ۽ ٻين خلاف جيل ٽرائل جي منظوري ڏني وئي هئي

Leave A Comment