عمران 4 سالن ۾ هڪ به سِرَ نه لڳائي، رڳو تباهي ڪئي: وزيراعظم

جُولاءِ 16, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان 4 سالن ۾ هڪ سِرَ به نه لڳائي رڳو تباهي ڪئي

لاهور ۾ يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي جيڪڏهن نواز شريف کي موقعو ڏنو وڃي ته ملڪ جو نقشو بدلائي ڇڏيندو، اليڪشن ۾ عوام کي  سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو، عوام جنهن کي به چونڊي آڻيندو، اسان تسليم ڪنداسين

وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت جو آگسٽ ۾ مدو ختم ٿي ويندو، عام چونڊن ۾ عوام کي  گذريل 4 سالن  جي تباهيءَ تي سوچي سمجهي پوءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي، عوام جيڪڏهن نواز شريف کي هن ڀيري  موقعو ڏئي ته واعدو آهي هو پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي طرف وٺي ويندو

شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام اسان لاءِ حلوو نه چئلينج آهي، ملڪ خلاف سازشون دفن ٿي ويون، سازشي ڪردار وائکا ٿي ويا، آءِ ايم ايف طرفان قرض پروگرام جي پهرين قسط ملڻ بعد ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قيمت مستحڪم ٿي، جنهن سان تيل جون قيمتون گهٽجي ويون

وزيراعظم چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان خلاف اسرائيل جو بيان آيو هو، الله تعاليٰ سمورين سازشن کي نيست نابود ڪري ڇڏيو،  ملڪ جي قسمت لاءِ متحد ٿي وڃون ته ڪير به رستو روڪي نه ٿو سگهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي 4 سالن ۾ ملڪ جي تباهي ٿي، اربن جا اسڪينڊل 4 سالن دوران ٿيا، بي آر ٽي، مالم جبه،  کنڊ اسڪينڊل، 190 ملين پائونڊ ۽ خانه ڪعبه جي ماڊل گهڙي جا اسڪينڊل اسان جي دور جا ناهن

Leave A Comment