| عمره ويزا جي آڙ ۾ اٽلي ويندڙ 5 مسافر سوگها |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي عمره ويزا جي آڙ ۾ سمنڊ رستي اٽلي وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي 5 مسافرن کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو، آف لوڊ ٿيل رحيم الله، عبدالحميد، عبدالشڪور، اسماعيل ۽ احمد الله بنون، پشاور، خيبر ۽ مهمند جي مختلف علائقن سان آهي. ترجمان موجب مسافر اڏام نمبر PA170 ذريعي عمره ويزا تي سعودي عرب وڃي رهيا هئا، مسافرن کي سامونڊي رستي مصر، لبيا ۽ بعد ۾ اٽلي وڃڻو هو، انهن اٽلي وڃڻ لاءِ ايجنٽن سان 45 لک رپين ۾ معاملا طئه ڪيا هئا، مسافرن کي ليبيا پهچڻ تي ايجنٽن کي 15-15 لک رپيا ادا ڪرڻا هئا.