| عمرڪوٽ جي ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب ٽيهر ذوالفقار ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو، قاضي احمد کي شڪست |
عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو 25 ھين آل پاڪستان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ ۽ حيدري ڪرڪيٽ ڪلب قاضي احمد وچ ۾ ٿيو. ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 25 اوورن ۾ 272 رنسون ٺاهيون. گلباز ڇھه ڇڪن ۽ ست چوڪن جي مدد سان 60 ۽ سھيل خان ٻہ ڇڪن ۽ ٽي چوڪن جي مدد سان 42 رنسون سان نمايان رھيا. قاضي احمد جي آصف 3، بلال ۽ امتياز 2-2 وڪيٽون ورتيون. ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي حيدري ڪرڪيٽ ڪلب قاضي احمد 23 اوورن ۾ 217 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي وئي. ماجد چار ڇڪن ۽ ٽي چوڪن جي مدد سان 85 ۽ سعود احمد چار ڇڪن ۽ ٻہ چوڪن جي مدد سان 42 رنسون ٺاهيون. ذڪريا جي بالرن عاصم جٽ 20 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. اعجاز شاھ ۽ سھيل خان ۽ اويس 2-2 وڪيٽون ورتيون. مين آف دي مئچ ماجد کي ڏنو ويو، جڏھن تہ ونر ٽيم جي ڪپتان وقاص قريشي کي ھڪ لک انعام ۽ ٽرافي سان نوازيو ويو جڏھن تہ رنر ٽيم جي ڪپتان ممتاز جتوئي کي پنجاھ ھزار انعام سان نوازيو ويو. ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ مسلسل ٽيون ڀيرو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ پنھنجي نالي ڪيو آھي