عمرڪوٽ جي عدالت ٻن جوابدارن کي 2سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي
مَي 23, 2025
عمرڪوٽ (رپورٽر) منشيات ڏوهه ۾ سول جج عمرڪوٽ جي عدالت ٻن جوابدارن کي 2 سال جي سزا ٻڌائي ڇڏي، خبر موجب 5 مھينا اڳ جوابدار عبدالله گرگيز ۽ انيل ڪمار ميگھواڙ کي پوليس چار سفينا جي ڪٽن سميت گرفتار ڪيو ھو، جنھن جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي منشيات ايڪٽ جو ڪيس ٻنھي جوابدارن مٿان داخل ڪيو ھو، ٻئي جوابدار ضمانت تي آزاد ھئا ڪالهه جوابدار عبدالله گرگيز ۽ انيل ڪمار ميگھواڙ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سول جج منير احمد جي عدالت 2-2 سال ۽ به لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته 2 لک رپيا ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا سزا ڪاٽيندا.